لاهور – 11 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عدم اعتماد جي رٿ مخالف ڌر جو ??ئيني حق آهي، اسان کي ان مان ڪو به خط??و نه آهي، اتحادي گڏ آهن، پهرين معيشت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، اليڪشن ۾ اڃان وقت آهي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو ??يال رکڻو پوندو. لاهور جي نجي اداري ۾ استادن کي خط??ب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته ضرور آڻي. گذري?? ڏينهن پرويز الاهي سان ملاقات ٿي آهي، گهرن ۾ به گلا شڪوه ٿيندا رهندا آهن، ن ليگ پاڻ سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن جا نالا سامهون آڻي. هن چيو ته هن وقت محاذ آرائي جو ماحول نه بڻجڻ گهرجي، سياست کان وڌيڪ ملڪ جو ??يال رکڻو پوندو. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر يونيورسٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي (يو ايم ٽي) جو ??ورو ڪيو ۽ صدر يو ايم ٽي ابراهيم حسن مراد سان ملاقات ڪئي. ابراهيم مراد يو ايم ٽي جو ??عارف ڪرائيندي اسپيڪر کان پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي سڌارن جي باري ۾ به تف??يلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسپيڪر اسد قيصر يو ايم ٽي تعليمي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ابراهيم مراد کان يو ايم ٽي سان تعليمي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ريڪٽر يو ايم ٽي ڊاڪٽر آصف رضا يو ايم ٽي ۾ اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين پارلياماني ميمبرن کي ڀليڪار چئي ۽ خيالن جو ??ظهار ڪندي چيو ته يو ايم ٽي ۾ اچڻ هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي.