اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس سفير مسعود خان بابت ڀارتي م??ڊيا جي بي بنياد ۽ من گهڙت پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته مسعود خان هڪ تجربيڪار ۽ سينئر سفار??ڪا?? آهي، ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم ا??تخ??ر سردار مسعود خان جي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي طور مقرري ۾ دير جي حوالي سان ڀارت جي ڪڌي پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو معاملو آمريڪي انتظاميه سان اڳتي وڌي رهيو آهي ان سلسلي ۾ ڀارتي م??ڊيا رپورٽس پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي م??م جو حصو آهن، مسعود خان جي آمريڪا ۾ بطور سفير مقرري تي ڀارتي م??ڊيا جي دعوائون جو حوالو ڏ??ندي هن چيو ته ڀارتي م??ڊيا رپورٽس، جعلي خبرن ۽ اسڪينڊل تي ٻڌل دعوائن ۽ بي بنياد الزامن جي ذريعي پاڪستان ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ جي م??م جو حصو آهن. عاصم ا??تخ??ر چيو ته سفير مسعود خان انتهائي باصلاحيت سفار??ڪا?? آهي ۽ هن کي گهڻ رخي ۽ ٻطرفي سفار??ڪا??ي جو 40 سالن جو تجربو حاصل آهي، واضح رهي ته سردار مسعود خان سفارتي خدمتن تان رٽائرمينٽ کانپوءِ آزاد ڪشمير ج?? صدر جي طور تي به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هو ڀارت سان پراڻي تڪرار ڪشمير تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندو رهندو آهي.