اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ نوشڪي ۾ فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي، مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ??ه سيڪيورٽي فورسز جي و??ت سر جواب ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويو، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون ايئن ئي ناڪام بڻائيندا رهنداسين، فرخ حبيب چيو ته هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي الرٽ آهن، سڄي قوم ملڪ جي حفاظت دوران جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي سلام پيش ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردي جي هڪ واق??ي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيان