اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پا??ستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي ??زا??ت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پا??ستان ۽ برطان??ه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان برطانيه سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ برطانيه ۾ رهندڙ 16 لک پا??ستانين جو ڪردار خصوصي اهميت رکندڙ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پا??ستان برطانيه سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پا??ستان ۽ برطان??ه جي وچ ۾ ٻرطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.