ڪراچي – 30 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ??رڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، شاگرد پنهنجي پڙهائي جي عملي رخن ۽ دائري ڪار تي هڪجهڙو ڌيان ڏين ته ??يئن تعليم مڪمل ??رڻ کانپوءِ کين ملازمتون ملي سگهن، اقرا يونيورسٽي جي انتظاميه عوامي آگاهي جي لاءِ گهٽ مراعته يافته ??لائقن ۾ به صحت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقرايونيورسٽي نارٿ ڪيمپس جي شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ جسماني تندرستي جي حوالي سان پوسٽر سازي مقابلي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پوسٽر سازي مقابلي جي انعقاد تي شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ اقرا يونيورسٽي جي انتظاميه کي ساراهيو. هن چيو ته ??اگردن جي تيار ڪيل پوسٽرز معلوماتي آهن، صحت ۽ تندرستي جي باري ۾ آگاهي جي حوالي سان وڌيڪ مفيد ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ??ن قسم جي پوسٽرز کي اسڪولن ۾ به لڳائڻ گهرجي ڇو ته ??هي شاگردن ۾ جسماني تندرستي کي برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ بيداري پيدا ??رڻ جي لاءِ وڌيڪ مفيد ثابت ٿيندا. هن شاگردن جي مسڪرائيندڙ چهرن کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ??ن مان انهن جي پڙهائي ۾ جوش ۽ دلچسپي ظاهر ٿئي ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي اقرا يونيورسٽي جي شاگردن کي به مشورو ڏنو ته هو خصوصي ٻارن ۾ بهترين صحت برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ آگاهي پيدا ??رڻ لاءِ به ڪم ڪن. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته معذور ٻارن کي به اسان س??ني جي تعاون جي ضرورت آهي، مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار به عام زندگي ??ذارڻ ۽ معاشري جو ڪارآمد شهري بڻجڻ لاءِ همدردي حاصل ??رڻ جا مستحق آهن. خاتون اول چيو ته ??قرا يونيورسٽي جي انتظاميه عوام ۾ آگاهي پيدا ??رڻ لاءِ گهٽ مراعته يافته ??لائقن ۾ به صحت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ??رڻ لاءِ به ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ هن پوسٽر سازي مقابلي جو جائزو ورتو ۽ شرڪت ڪندڙن جي تيار ڪيل پوسٽرز ۾ گهري دلچسپي ورتي، ان موقعي تي اقرا يونيورسٽي پاران خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي کي شيلڊ به پيش ڪئي وئي، ان کانپوءِ بيگم ثمينه عارف علوي پوسٽر مقابلي جي فاتح ۽ رنراپ کي شيلڊز ڏنيون.