لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان لاهور ۾ گو??نمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ ابوالحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر جو افتتاح ڪيو ۽ 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ??عم??ر ٿيندڙ سينٽر جي عمارت جو پيڙهه جو پٿر رکيو جتي صوفي ازم جي روشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سان گذارڻ تي تحقيق ڪئي ويندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار، پنجاب حڪومت جو ترجمان حس??ن خاور، گو??نمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيس ڊاڪٽر اصغر زيدي به موجود هئا. وزيراعظم عمر??ن خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته صوفي، اوليا اڪرام ۽ عاشقان رسول ﷺ جي تعليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، نوجوانن کي بهتر زندگي گذارڻ لاءِ انهن جي نقش قدم تي هلڻو پوندو، ابوالحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر نوجوانن جي زندگين ۾ انقلاب آڻيندو. گو??نمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اصغر زيدي وزيراعظم کي ريسرچ سينٽر بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 14 ڪروڙ جي لاڳت سان ??عم??ر ٿيندڙ سينٽر ۾ صوفي ازم جي روشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سان گذارڻ تي تحقيق ڪئي ويندي. اداري جي مقصدن ۾ معاشري جي اصلاح، گڏيل برداشت، احترام، صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تحقيق کي وڌائڻ، مقامي ۽ عالمي محققين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ان شعبي ۾ تحقيق لاءِ تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ سينٽر موجوده شعبن جهڙوڪ تاريخ، اسلامي تعليمات، پوليٽيڪل سائنس، ادب وغيره ۾ صوفي ازم جي حوالي سان تحقيق ۽ تدريس کي به فروغ ڏيندو. سينٽر ۾ صوفي ازم تي بي ??يس ۽ ايم فل جي سطح جي ڪورسن جي تعليم ڏني پئي وڃي. ان کانسواءِ سينٽر پوسٽ ڊاڪٽرل ۽ ريسرچ فيلوشپ به ڏيندو وڌيڪ اهو ته سينٽر پي ايڇ ڊي لاءِ وظيفا به فراهم ڪندو جنهن جي ڪري صوفي ازم جي شعبي ??ي تحقيق ٿيندي.