اسلام آباد – 02 ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا وبا جي باوجود گذريل ٽن سالن جي دوران تقريبن 11 لک ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار جا موقعا مليا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پوري اميد آهي ته تقريبن 20 لک ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويندا، اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ ملازمت لاءِ بيورو آف اميگريشن اينڊ او??رس??ز ايمپلائيمينٽ پاران رجسٽرڊ ڪيل پاڪستاني ورڪرن جي تعداد جي حوالي سان اسٽيٽمنيٽ به شيئر ڪئي جنهن موجب 2019ع ک??ن آڪٽوبر 2021ع تائين ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 10 لک 26 هزار 640 ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار مليو. 2019ع ۾ 6 لک 25 هزار 203 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت حاصل ڪئي. 2020ع ۾ 2 لک 24 هزار 705 ۽ 2021ع ۾ هڪ لک 76 هزار 732 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت تي ويا.