اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو ض??من آهي، موجوده حڪومت آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ت??قي سان گڏوگڏ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمي?? جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمي?? جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ت??قي، مجموعي صورتحال ۽ ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته حڪومت آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمي?? جي اقتصادي ت??قي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جو ض??من آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتي مسلمانن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پيو وڃي. صدر چيو ته مودي جي انتهاپسند ۽ مسلمان مخالف حڪومت کان پوري خطي کي خطرو آهي.