اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سيد فخر امام ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم کي ڪپهه، ڪڻ??، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي فصل جي پيداوار جي حوالي سان هن وقت تائين جي حوصلا افزا رجحانن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 30 سيپٽمبر 2021ع تائين پاڪستان ڪپهه ۾ 38.5 ملين ڳٺڙين جي پيدو??ر حاصل ڪ??ي آهي، جڏهن ته گذريل سال انهي مدي دوران 27 ملين ڳٺڙيون حاصل ٿيون،
وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسان ڪڻ??، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ گذريل سال جي پيداواري انگ اکر ترتيب وار 27.5 ملين ٽن، 8.4 ملين ٽن، 81 ملين ٽن ۽ 8.4 ملين ٽن کان اڳتي وڌڻ جي راهه تي گامزن آهيون. وزيراعظم خوراڪ واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جيڪا انب ۽ ليمون ميوون (سٽرس فروٽ) جي برآمد ۾ رڪارڊ برآمدي هدف ترتيبوار 150 هزار ٽن ۽ 463 هزار ٽن حاصل ڪ??ڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم زراعت جي شعبي ۾ تاريخي واڌ نمو ۽ برآمدي هدفن کي حاصل ڪ??ڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو.