اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي مناسب تربيت، سيڙپڪارن سان رابطن ۽ ضروري رهنمائي ذريعي معاونت ۽ سازگار ماحول فراهم ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوان ڪاروباري ماڻ??ن جي پاڪستان جي خوشهالي ۾ ڪردار کي فروغ ڏي?? جي لاءِ صحيح پاليسيون جوڙيون ويون آهن، حڪومت ڪامياب جوان پر??گر??م تحت نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر پاڪستان (اين آئي سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام جي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، سي ??ي او اگنيسٽ عاصم شهريار، چيف ڊيجيٽل آفيسر جاز عامر اعجاز، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آئي سي ??سلام آباد پرويز عباسي، اين آئي ٽي بي جي نمائندن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان کي نوجوانن جي وڏي انگ مان فائدو کڻ?? جي ضِرورت آهي ته جيئن انهن کي جديد آءِ ٽي تي ٻڌل مهارتن سان ليس ڪري سگهجي ۽ ملڪ ۾ ڪاروباري دوستاڻو ماحول بڻائي سگهجي. هن نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي خاص طور تي سائبر سيڪيورٽي ۽ سائبر ڊفينس ۾ تربيت ڏي?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن زندگي جي سمورن شعبن ۾ ترقي ۽ چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي پورو ڪر?? جي لاءِ سمارٽ ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ صدر کي نيشنل انڪيوبيشن سينٽر (اين آئي سي) جي مختلف منصوبن ۽ ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو ويو. کيس ٻڌايو ويو ته اين آئي سي ??اصلاحيت واپارين کي ان??ن جي جديد آئيڊياز کي پائيدار ڪاروبار ۾ تبديل ڪر?? جي لاءِ هڪ پليٽ فارم ۽ گهربل مدد فراهم ڪري رهيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل چئن سالن دوران اين آئي سي ??سلام آباد 230 اسٽارٽ اپس لڳايا آ??ن جن سان اٽڪل 22 ارب رپين جي آمدني ٿي آهي، ان کانسواءِ 11 هزار کان وڌيڪ نوڪريون پن پيدا ٿيون آهن. صدر ملڪ ۾ انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي اين آئي سي ??سٽارٽ اپس ۾ موقعا فراهم ڪر?? جي حوالي سان اين آئي سي ??ي ڪوششن کي ساراهيو.