واشنگٽن -14 سيپٽمبر (اي پي پي)آمر??ڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقاعده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ڀارت ۾ بنياد پرست حڪومت اسان جي امن قدمن کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنهي ملڪن وٽ امن کان سواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي. هن اهڙو اظهار هن آمر??ڪا جي ميڊيائي اداري ”دي واشنگٽن ڊپلوميٽ“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستاني سف??ر چيو ته هي وقت آهي ته ماضي مان سبق سکجي. اسان جو تسلسل سان اهو موقف رهيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، اسان اهو به واضح ڪيو ته آمريڪي فوج جي ذميواراڻي واپسي سان امن عمل ۾ پيش رفت ٿيندي. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي حمايت ڪئي ۽ ان حوالي سان اهم پيش رفت به ٿي. هن ??يو ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، طالبان عام معافي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جي به انتقامي ڪارروائين ۾ ملوث ناهي ٿيو. هن ??يو ته خدشن جي برعڪس وڌيڪ افغان مهاجرين پاڪستان ناهن آيا. 2 ڏهاڪا اڳ آمر??ڪا تي بدترين دهشتگرد حملن بابت سوال تي هن ??يو ته اسان جون دلي همدرديون سوڳوار خاندانن سان آهن. هن ??يو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو. هن جنگ ۾ اسان جون 80 هزار کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. جڏهن ته معيشت کي 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو. هن ??يو ته اسان پاڻ دهشتگردي جو نشانو بڻياسين ان ڪري متاثرين جو ڏک سمجهي سگهون ٿا. پاڪ آمر??ڪا لاڳاپن جي حوالي سان سوال تي سف??ر چيو ته آمر??ڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا هميشه کان اهم رهيا آهن. نائين اليون بعد اسان افغانستان کي نظر ۾ رکندي گڏ رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستاني سف??ر چيو ته وال اسٽريٽ جي صحافي ڊينئل پرل جو قتل هڪ سنگين ڏوهه هو مان ان جي سوڳوار خاندان سان ذاتي طور تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪنهن ماءُ لاءِ اهو صدمو برداشت جوڳو نه هوندو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي مائرون پنهنجي پٽن کان محروم ٿيون. اسان کي فوت ٿيلن تي افسوس آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ٻيهر ايئن نه ٿئي.