اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت ??و انتهائي اهم قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج موجوده حڪومت ??ي ويزن ??و اهم جز آهي، ان منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي فراهيم بابت اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ??اص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي ??حت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، خيبرپختونخواهه جي ??حت/ ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي ??مورن 36 ضلعن ۾ اتڪل 4 ڪروڙ صحت ڪارڊ ورهائڻ جو عمل 31 ڊسمبر کان شروع ڪري مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان سهولت جي ??هتر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن ??ي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت ??و انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي موجوده حڪومت ??ي ويزن ??و اهم جز آهي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن تائين صحت جون معياري سهولتون نه رڳو اسان جي ??ميواري آهي پر اسان جي ??رجيحن جو به واضح مظهر آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ قدم جي ڪري جتي معاشري جي ڪمزور طبقن کي صحت جون معياري سهولتون ملنديون اتي اسپتالن جي ??عبي خاص طور تي نجي ??عبي کي هٿي ملندي. وزيراعظم صحت وارن وزيرن کي هدايت ڪئي ته مختلف اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ ذريعي جتي هڪ جهڙي معياري سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته اسپتالن م ايندڙ ماڻهن خ??ص طور تي گهٽ تعليم يافته ماڻهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي. صحت ڪارڊ جي ??ريعي معياري سروس کي يقيني بڻائڻ جي ??والي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولت مان فائدو کڻندڙن جي فيڊ بيڪ کي نظام جو مستقل حصو بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ڏکيائي کي وقت سر ختم ڪري سگهجي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي.