پشاور – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ جي وڪري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سينيٽ چونڊون شفاف ڪرائڻ تي مخال?? ڌر جو احتجاج سمجهه کان مٿي آهي، مخال?? ڌر پراڻو پاڪستان چاهي ٿي، جتي ضمير وڪرو ڪيا وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ح??وم?? هڪ ٺوس طريقيڪار جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ??ه جيئن ڪو به مستقبل ۾ چونڊن جي نتيجن جي ساک ۽ غيرجانبداري تي آڱر کڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف اليڪشن جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جو اخلاقي بنياد م??يا ڪري ٿي ۽ ح??وم?? جا چونڊ سڌارا سينيٽ چونڊن سميت چونڊن جي ساک، غيرجانبداري ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته چونڊ سڌارا آڻڻ جي لاءِ ح??وم?? جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ بدران مخال?? ڌر سينيٽ چونڊن ۾ کليل راءِ شماري جي مخالفت ڪري رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي، جيڪو چونڊ عمل دوران هار?? ٽريڊنگ ۽ بدعنواني جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل (ن) سميت مخال?? ڌر جون پارٽيون جن 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن کانپوءِ 10 سالن تائين ملڪ تي حڪمراني ڪئي، سينيٽ چونڊن دوران هار?? ٽريڊنگ، بدعنواني ۽ وڪري ۽ ووٽ جي خريداري لاءِ چونڊ سڌارن جي لاءِ ڪو طريقيڪار تيار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته مخال?? ڌر اڃا به چونڊ سڌارن جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي جن جو مقصد سينيٽ چونڊن ۾ بدعنواني، ووٽن جي خريد ۽ وڪري ۽ هار?? ٽريڊنگ جي امڪانن کي ختم ڪرڻ آهي جنهن جو ماضي ۾ مشاهدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ح??وم?? بدعنواني ۽ هار?? ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ سينيٽ چونڊن دوران مخال?? ڌر کي اوپن بيلٽنگ جي آڇ ڪئي آهي پر ان اهم قانونسازي جي خلاف مخال?? ڌر جو ردعمل افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته آئون هڪ سوال پڇان ٿو ته پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي ۾ ڪجهه ميمبرن جي نمائندگي رکندڙ سياسي پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ ڪيئن هڪ سيٽ کي محفوظ بڻائيندي، مخال?? ڌر ماضي مان سبق ناهي سکيو ۽ سينيٽ چونڊن ۾ سياسي وفاداري خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.