اسلام آ??اد-28 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اٽي، بيدن ۽ ٽماٽي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺندي انهن ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سمورن قد??ن کي يقيني بڻائڻ ۽ صوبائي حڪومتن کي ذخيرو ڪندڙن، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ اسمگلنگ جي ازالي لاءِ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ ڪڙي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن عام ماڻهو کي مناسب اگهه تي ڪڻڪ ۽ اٽو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهم ڪري سگهج??. ه?? اها ڳالهه گذريل ڏينهن نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.