اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هڪ طرف ٻاهريان دشمن انڊين ڪرانيڪلز جي ذريعي پاڪستان جي خلاف ڪوڙي معلومات پکيڙڻ جو ڏوهه ڪري ره??ا آهن ته ٻي طرف پي ڊي ايم ڪوڙ جو سهارو وٺي عوام ۾مايوسي پکيڙي ره?? آهي، ٻنهي جي ڪوڙ جو واپار رنڱيل هٿن سان پڪڙيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گذريل رات مناظري ۾ شاهد خاقان عباسي جي اها ئي حالت هئي جيڪا ”هار?? ٽاڪ“ ۾ استحاق ڊار جي هئي، سچ جي سامهون انهن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا آهن، هن چيو ته نديم بابر (ن) ليگي ڪوڙ جا ذرا ذرا ڪري ڇڏيا، هاريل ٽيم ج?? ٽاپ رانديگرن جي بي وسي ۽ لاچار ڏسڻ وٽان هئي.