اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب خاندانن جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فر??هم ڪيا ويندا، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ ??رو??رام تحت هر سال 50 هزار شاگردن کي تعليمي وظيفا ڏنا ويندا، غريب خاندانن جي لاءِ راشن ??رو??رام پڻ متعارف ڪرايو ويندو ۽ گيهه، اٽو، دال ۽ کنڊ غريب خاندانن کي فر??هم ڪئي ويندي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙي قسم جا ??رو??رام شروع نه ڪيا ويا جن سان معاشري جي عام ماڻهن کي مٿي اچڻ ??و موقعو ملي سگهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ نه سوچيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ ??رو??رام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.