بيجنگ -18 مارچ (اي پي پي) چين روس جي ??در ولاديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن، فرانس جي ??ابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ??رجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چيو ته چين روس جي ??در ولاديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏئي ٿو. هن چيو ته چين ۽ روس نئين دور ۾ هڪ ٻئي جا سڀ کان وڏا پاڙيسري ۽ جامع اسٽريٽجڪ سهڪار رکندڙ شراڪتدار آهن. هن چيو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته چين جو صدر شي جن پنگ ۽ روس جو صدر ولاديمير پيوٽن جي ??سٽريٽجڪ اڳواڻي تحت چين روس لاڳاپن کي هٿي ملندي. هن چيو ته هلندڙ سال چين ۽ روس وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره ملهائي پئي وڃي. ترجمان چيو ته ٻ??هي ملڪن جا سربراه ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکندا. ٻ??هي ملڪن جي پر??ڻي دوستي کي برقرار رکندا، جامع اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين دور ۾ چين روس لاڳاپن جي لاڳيتو ترقي کي هٿي وٺرائيندا. روس جي ??رڪاري ايجنسي آر آءِ اي گذريل ڏينهن سرڪاري چونڊن جي ??نگن اکرن جي ??والي سان ٻڌايو ته 99 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن کان پوءِ ولاديمير پيوٽن 87.33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن.