اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت ??ي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ??ردار مسعود خان سان ملاقات دوران چئي جنهن ايوان صدر ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي. نامزد سفير ??ان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت جيو اڪنامڪس تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ٻطرفي واپار ۽ آمريڪا سان سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي ??ي شعبي ۾ سيڙپڪاري کانسواءِ ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر سفير کي چيو ته هو ڀارت جي اصل چهري کي بي نقاب ڪري جيڪو ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملو?? آهي. صدر نامزد سفير کي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ??ور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.