اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وز??را??ظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي موقعي تي وز??را??ظم عمران خان لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي ۽ افغانستان ۾ سلام??ي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وز??را??ظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم سان ازبڪستان جي نائب وز??را??ظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي ازبڪستان سان واپار، زراعت، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم چيو ته هو ايندڙ مهيني ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. وز??را??ظم علائقائي رابطن ۽ انضمام کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي سنگ ميل قرار ڏيندي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو. وز??را??ظم ان موقعي تي علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندڙ رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ سلام??ي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انساني بحران جي خاتمي لاءِ انساني ۽ اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت کي ورجايو. وز??را??ظم لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي اهميت تي زور ڏنو. هن ترجيحي واپاري معاهدي سميت سمورن التوا هيٺ ٻطرفن مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. نائب وز??را??ظم سردور عمرزاڪوف وز??را??ظم عمران خان کي ازبڪستان جي وز??را??ظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.