اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي ڊگهي بنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير سردار مسعود خان سان ڳالهائيندي چئي جن??ن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي م??ارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان گڏوگڏ ٻطرفي وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي م??اشي استحڪام لاءِ حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي گامزن آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقتصادي سفارتڪ??ري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪ??ري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڏياريو وڃي، شاهه ??حم??د قريشي چيو ته اميد آهي ته توهان جهڙا وسيع تجربي جا حامل ۽ مڃيل سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي هدايتن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.