اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليمي ادارا آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ آءِ ٽي انفرااسٽرڪچر تي سيڙپڪاري ڪن، اعليٰ تعليمي ۽ ٽيڪنيڪي ادارن کي انساني وسيلا هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪي تعليمي ۽ باهنر انساني وسيلن جون ضرورتون پورو ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي ڪاليجز جي ضرورت آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويج نمل اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ دوران چئي، هن چيو ته پاڪستان کي هنرمند افرادي قوت جي گهٽتائي درپيش آهي، دنيا آن لائين تعليم طرف وڌي چڪي آهي، تعليمي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ آن لائين تعليمي ماپو ۽ ورچوئل ڪلاسز جو تعداد وڌائڻي پوندي، ??در چيو ته يونيورسٽي انتظاميه ختم ٿيندڙ ٻولين جي ت??فظ ۽ بحالي لاءِ قدم کڻي، نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعف?? ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني، ??در کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته شاگردن ۾ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ تدريس جو تصوراتي نقطه نظر متعارف ڪرائي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته هن وقت 22 هزار شاگرد يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ تعليم هيٺ آهن، نمل ڊائريڪٽر آءِ ٽي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي آءِ ٽي کي لينگويج سکڻ ۽ ترجمي ۾ مربوط ٺاهڻ سميت اعليٰ معيار جي تحقيق جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي.