لاهور – 03 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشي ترقي جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا ضروري آهن، تر??ي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽيڪس ڏيندو آهي، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جمع ٿيندو آهي، آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽيڪس چوري ڪئي، ٽيڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقلي ??ئي وئي، وزيراعظم عمران خان ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي حوالي سان آواز بلند ڪيو، نظام جي تبديلي لاءِ احتساب ضروري آهي، اسلامي تاريخ ۾ خلفاءِ راشدين احتساب جي لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو، ٽيڪس ڏيندڙ?? کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٽيڪس نظام جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ٽيڪس ڏيڻ ضروري آهي، ٽيڪس چوري سان ملڪي معيشت متاثر ٿيندي آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تمام گهٽ شهري ٽيڪس ادا ڪندا آهن، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جمع ٿيندو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽيڪس چوري ڪئي ۽ ٽيڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقل ڪئي وئي جنهن سان ملڪ قرضن هيٺ دٻجي ويو، ملڪ ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته هر شهري کي ذميداري جو احساس ڪندي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو آهي ڇو ته تر??ي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽيڪس ڏيندو آهي، صدر چيو ته ٽيڪس جي رقم ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجي ۽ ٽيڪس ڏيندڙ?? کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته سرڪاري ڪم ۾ دير سان رشوت کي فروغ حاصل ٿيندو آهي جنهن سان ڪ??پش?? وڌي ويندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ روزاني جي بنياد ۽ ميرٽ تي فائل ورڪ اڪلايو ويندو آهي، صدر چيو ته حڪومت جڏهن به ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته سڀ کان پهرين واپاري برادري پاران خدشن جو اظهار ڪيو ويندو آهي جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي، قوم جي حيثيت سان ملڪي ترقي جي لاءِ خوشي سان اسا?? کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻ گهرجي، ٽيڪس وڌيڪ وٺڻ تي بحث ته ڪري سگهجي ٿي، پر ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ڪو به بحث نٿو ٿئي، صدر چيو ته ٽيڪس کي حاصل ڪرڻ به ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، عوام کان ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ اسا?? کي هڪ اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي محتسب ۽ ايف بي آر گڏجي عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ ڪ??پش?? روڪڻ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڪم جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته ادارن ۾ هروڀرو جي رڪاوٽن جي ڪري ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪندا آهن اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن سان ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿي وياسين ته اسا?? کي هروڀرو پريشان ڪيو ويندو ان خوف کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ اداره جاتي سڌارا به آڻڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته تر??ي ياته ملڪن ۾ قرض?? کي حاصل ڪرڻ، ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ ۽ ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ ماڻه?? کي آفيسن جا چڪر لڳائڻا نٿا پون جنهن جي ڪري اهي خوشي سان ٽيڪس جي ادائيگي ڪندا آهن، اسا?? کي به ان مادل کي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ عوام کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻو پوندو ته انهن جو ٽيڪس ملڪي ترقي لاءِ خرچ ٿيندو. صدر عارف علوي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کان ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي رقم تر??ي يافته ملڪن ڏانهن منتقلي ??ئي وئي جنهن سان انهن ملڪن جي معيشت ته مستحڪم ٿي وئي پر اسرندڙ ملڪن قرضن هيٺان دٻجي ويا، عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي خلاف مختلف عالمي فورمن تي آواز بند ڪيو.