گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي مفاد ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ بليو اڪانومي کي استعمال ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان کي عل??ئق??ئي ر??بطن ۽ واپار جي فروغ سان گڏ بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، افغانستان ۾ مستقل امن سان پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندا، سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حم??ن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي خطاب ۾ صدر چ??و ته پاڪستان سامونڊي وسيلن ۽ بليو اڪانومي مان فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. گوادر پورٽ نه صرف معاشي طور تي پر دفاعي اعتبار سان به اهم آهي، هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان واپار لاءِ رابطي ر??تن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، عل??ئق??ئي ر??بط ۽ واپار جي فروغ سان بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چ??و ته وچ ايشيائي ملڪ افغانستان جي ر??تي گوادر بندرگاهه تائين واپار جي لاءِ بي چين آهن، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن آيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن سان اسان جي معيشت تي بهترين اثر پوندا. صدر چ??و ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه فراهم ڪئي، اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙ قوم ڪورونا جي خلاف اسان جي حڪمت عملي جي هامي ڀري رهيا آهن، ڪورونا جي خلاف موجوده حڪومت جي وقت سر فيصلن سان نه رڳو عوام کي فائدو ٿيو پر ملڪي معيشت کي به فائدو پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سموري فورسز ملڪ جي دفاع ۽ مشڪل جي هر گهڙي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، سائبر جنگ ٻين خطرناڪ هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، پاڪستان تي ڪيترائي ڀيرا سائبر حملا ڪيا ويا آهن، بدلجندڙ حالتن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حم??ن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو.