اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل سياحن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرمي، ايف سي ۽ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي، ??رف??اري ۾ ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سڄي رات آپريشن جاري رهيو پر ان باوجود 16 کان 19 ماڻهن جي گاڏين اندر موت ٿي آهي، مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، مقامي ماڻهن کي اپيل آهي ته اهي ??رف??اري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خوراڪ ۽ ڪمبل ??هي?? ڪن. مري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي نگراني ۾ سياحن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته گذريل پندرنهن کان ويهه سالن کانپوءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ ??رف??اري جي سيزن ۾ مري ۽ گل??ات جو رخ ڪيو آهي ۽ سڄي رات آپريشن جاري رهڻ باوجود 16 کان 19 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. هن ٻڌايو ته آپريشن دوران ??رف??اري ۾ ڦاٿل هڪ هزار گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ شام تائين وڌيڪ هڪ هزار گاڏين کي ??رف??اري مان ڪڍيو ويندو. هن ٻڌايو ته پنجاب ??ڪو??ت ۽ اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا طرفان سڄي رات آپريشن جاري رهيو ۽ اڄ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ ايف سي جي جوانن کي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن ??رف??اري ۾ ڦاٿل سياحن کي خوراڪ، گرم ڪپڙا ??هي?? ڪرڻ سان گڏو گڏ ??رف??اري مان ڪڍي سگهجي. هن چيو ته شهري ٻن ڏينهن لاءِ مري جو رخ نه ڪن ڇو جو آچر جي شام تائين مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن.