اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ايئرپورٽ جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير او آ??ِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن ۽ وفدن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. سفير آفتاب کوکر پرڏيهي وزير ??ي ايئرپورٽ تي او آ??ِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير اسٽيٽ لائونچ ?? مهمانن جي آمد لاءِ ڪائونٽرز جو جائزو ورتو ۽ او آ??ِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ معزز مهمانن جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو، پرڏيهي وزارت سول ايوي ايشن ۽ ايئرپورٽ جا سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.