اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ مذهب جي نالي تي ظلم ڪندڙن کي نه ڇڏيو ويندو، آئنده اهڙو ڪو به واقعو ٿيڻ نه ڏنو ويندو، نبي ڪريم ﷺ سموري انسانيت لاءِ رحمت بڻجي آيو، اسلام تلوار سا?? نه پر هڪ فڪري انقلاب سا?? پکڙيو، عشق رسول ﷺ ثابت ڪرڻ جو بهترين طريقو پاڻ صه جي ٻڌايل رستي تي عمل ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آنجهاني پريانٿا ڪمارا جي ياد ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد تعزيتي ريفرنس ۽ پريانٿا ڪمارا جي زندگي بچائڻ لاءِ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ مل?? عدنان کي سند عطا ڪرڻ جي تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو. تق????ب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير حماد اظهر، غلام سرور خان، شيرين مزاري، مملڪتي وزير فرخ حبيب، زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، وزيراعظم جو خاص نمائندو طاهر اشرفي ۽ سريلنڪا جو هاءِ ڪمشنر موهن وجي وڪرما کانسواءِ پريانٿا ڪمارا جي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ مل?? عدنان به شريڪ هو، تق????ب ۾ مل?? عدنان کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل خصوصي دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان مل?? عدنان کي سند اعزاز به عطا ڪئي، تق??يب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سيالڪوٽ واقعو شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي پر اسان کي مل?? عدنان تي فخر آهي جنهن سري لنڪن شهري جي زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وڌو ۽ جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪيو، اسان کي اهڙن رول ماڊل جي ضرورت آهي، مل?? عدنان ان هجوم ۾ هڪ اهڙو شخص هو جيڪو راهه حق تي حيوانن جي سا??هون بيٺل هو، مون کي اميد آهي ته نوجوان ان کي پنهنجو رول ماڊل بڻائيندا، وزيراعظم چيو ته اخلاقي طاقت جسماني قوت کان وڌيڪ طاقتور هوندي آهي، وزيراعظم اعلان ڪيو ته جن ماڻهن دين کي استعمال ڪيو، خاص طور تي رحمت اللعالمين ﷺ جي نالي تي ظلم ڪيو، انهن کي نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي پوري انسانيت لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، پاڻ صه ﷺ پاڻ ۾ وڙهندڙ عرب جي قبيلن کي متحد ڪيو، اسلام تلوارن سا?? نه پکڙيو پر هي هڪ فڪري انقلاب هو جيڪو پاڻ صه ﷺ وٺي آيو، 10 سا??ن ۾ صرف 1400 ماڻهن جون زندگيون ويون جڏهن ته مسلمان سڄي عرب تي ڇائنجي ويا، پاڻ صه ﷺ جو پيغام انسانيت ۽ انصاف تي ٻڌل هو، اهي ٻه صفتون انسانن کي جانورن کان مٿانهون رکنديون آهن، انساني معاشري ۾ انصاف ٿيندو آهي ۽ ڪمزور طبقي جي ذميداري کنئي ويندي آهي، ان کي مٿي کڻڻ ۽ انصاف قائم ڪيو، اڄ نبي ڪريم ﷺ جو نالو استعمال ڪري ڪجهه ماڻهو انسانن کي قتل ڪندا آهن، توهين جو الزام لڳائي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويندو آهي، دنيا جي ڪنهن معاشري ۾ ايئن ناهي ٿيندو ته الزام لڳائيندڙ پاڻ ئي جج بڻجي في??لو ڪري ۽ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون وڃن، وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح اي پي ايس جي سا??حي کانپوءِ پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد ٿي وئي، اهڙي طرح سيالڪوٽ واقعي کانپوءِ اڄ سڄي پاڪستان في??لو ڪري ورتو آهي ته اسان مل?? ۾ آئنده سيالڪوٽ سا??حي جهڙو واقعو ٿيڻ ناهي ڏيڻو، وزيراعظم سيالڪوٽ جي بزنس ڪميونٽي پاران آنجهاني پريانٿا ڪمارا جي پوئينرن لاءِ هڪ لک ڊالر جمع ڪرڻ ۽ سدائين انهن جي ڪفالت ڪرڻ جي اعلان کي ساراهيو. ويراعظم چيو ته پوري پاڪستان قوم نبي ڪريم ﷺ سا?? عشق ڪندي آهي ۽ ان جي اظهار جو طريقو اهو آهي ته اسان پاڻ صه ﷺ جي ٻڌايل رستي تي هلون، پاڻ صه جو رستو ڪجهه ٻيو آهي پر قومي ڪنهن ٻي طرف وڃي رهي آهي، عشق رسول صه جي گهرج آهي ته اسان پاڻ صه جي تعليمات موجب طرف عمل اختيار ڪريون، اسان رحمت اللعالمين اٿارٽي جوڙي آهي ته جئين نبي ڪريم صه ﷺ جي حقيقي تعليمات سا?? معاشري کي آگاهه ۽ روشناس ڪرايو وڃي، نبي ڪريم صه ﷺ سمورن انسانن ۾ سڀ کان عظيم آهي ۽ غير مسلمان به پاڻ صه جي عظمت کي تسليم ڪن ٿا، وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم صه جي جنگ دوران ڪلمو پڙهڻ جي باوجود هڪ شخص کي قتل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهندڙ واحد مل?? آهي، سيالڪوٽ جهڙي سا??حي سا?? 90 لک ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستاني به شرمنده ٿيا آهن، اهڙي طرح جي حرڪتن سا?? ماڻهو اسلام کان پري ٿي ويندا آهن ۽ مل?? جو نالو بدنام ٿي ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ هجوم جيڪو طرز عمل اختيار ڪيو آهي اهو ڏسي تمام گهڻي تڪليف ٿي پر مل?? عدنان جي ڪري اسان جو انسانيت تي اعتبار وڌيو، وزيراعظم مل?? عدنان کي 23 مارچ تي تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ بي جي پي جي حڪومت مسلمانن سا?? ناروا سلوڪ ڪندي آهي جنهن تي اسان کي تمام گهڻي تڪليف ڏيندي آهي، ان واقعي کي ڀارت تمام گهڻو اٿاريو آهي ۽ اهو واقعو پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي، آئنده ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان مل?? عدنان کي ان جي جرئت ۽ بهادري جي اعتراف ۾ سند عطا ڪئي آهي.