اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت ورڪنگ جرنلسٽس جي پويان بيٺل آهي، پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي منظوري کانپوءِ حڪومت ۽ ميڊيا هائوسز جي ذميوارين ۾ اضافو ٿيو آهي، اڳوڻي حڪومتي ??ور ۾ من پسند صحافين ۽ ڪجهه ميڊيا گروپس کي نوازيو ويو جنهن جو اعتراف مريم نواز پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪري چڪي آهي، ڪنهن پرائيويٽ ماڻهو پاران سرڪاري وسيلن ۽ اختيارن جو استعمال غير قانوني آهي. اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. ??فا??ي وزير چيو ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي تياري ۾ صحافتي ??نظيمن سميت سم??رن صحافتي گروپن سان مشاورت ڪئي وئي، هن چيو ته ماضي ۾ صحافين کي مافياز جي هٿان قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعن کي منهن ڏيڻو پوندو هو، ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي منظوري کانپوءِ هاڻي حڪومت ۽ ميڊيا هائوسز جي ذميدارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرورت آهي، صحافين کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ڪا به خبر حقيقي تناظر ۾ ڏني وڃي. هن ان تاثر کي رد ڪيو ته پاڪستان ۾ پريس کي آزادي حاصل نه آهي، اسان پنهنجي ميڊيا جي آزادي جي ڀيٽ فرسٽ ورلڊ سان ڪندا آهيون جڏهن ته حقيقت ۾ اسان وٽ ميڊيا کي فرسٽ ورلڊ کان به وڌيڪ آزادي حاصل آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومتي ??ور ۾ من پسند صحافين ۽ ڪجهه ميڊيا گروپس کي نوازيو ويو جنهن جو اعتراف مريم نواز پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪري چڪي آهي، ڪنهن پرائيويٽ شخص پاران سرڪاري رقم ۽ اختيارن جو استعمال غير قانوني آهي، حڪومت ان ڏس ۾ جاچ ڪري رپورٽ عوام جي سامهون پيش ڪندي، ان موقعي تي ??اولپنڊي اسلام آٻاد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) ورڪنگ جرنلسٽس جي حق?? جي تحفظ جي لاءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع منظور ڪرائڻ تي ??ڪومت خاص طور تي ??طلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين ۽ انساني حقن واري ??فا??ي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري جي ڪوششن کي ساراهيو. آر آءِ يو جي اڳوڻي حڪومت دور ۾ من پسند صحافين ۽ مخصوص ميڊيا هائوسز کي نوازڻ جي حوالي سان مريم نواز جي اعتراف ۽ قدم?? جي مذمت ڪئي. وفد اطلاعات واري ??فا??ي وزير کي صحافين کي درپيش ??سئ??ن کان به آگاهه ڪيو، ??فا??ي وزير انهن جا ??سئ??ا ٻڌا ۽ هر ممڪن حل جي خاطري ڪرائي. آر آءِ يو جي جي وفد جي قيادت آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (ايپنڪ) لوڪل جي چيئرمين ۽ آر آءِ يو جي جي جنرل سيڪريٽري محمد صديق انظر ڪئي جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ آر آءِ يو جي جي وقت صدر رانا رضوان، عثمان خان، فرحت فاطمه ۽ ميڊيا ورڪرز آرگنائيزيش?? جي صدر ڪليم شميم سميت ٻين تنظيمن جا عهديدار به شامل هئا.