اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان يورپي يونين فرينڊشپ ف??ڊريشن جي چيئرمين پرويز اقبال لوسر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي،
ملاقات دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته يورپي ملڪن ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪو ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪري رهيو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي فوري حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پرويز اقبال لوسر پرڏيهي وزير کي پاڪ اي يو فرينڊشپ ف??ڊريشن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان مفيد بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير يورپي ملڪن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ پاڪستان يورپي يونين فرينڊشپ ف??ڊريشن جي خدمتن کي ساراهيو. منهنجي گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان مفيد ملاقاتون ٿيون،
مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته مون يورپي يونين جي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي افغانستان جي موجوده صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو. يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي خدمتن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر پيش ڪيا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيدري لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان يورپي يونين فرينڊشپ ف??ڊريشن جي چيئرمين پرويز اقبال لوسر پرڏيهي وزير جي گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان موقعي تي يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو.