اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سع??دي هم م??صب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لا??اپن، گهڻ رخي شعبن ۾ تعان جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ڀائراڻا لا??اپا آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پرڏيهي وزير سع??دي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سع??دي پرڏيهي وزير جي جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لا??اپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏ??ل قومن سميت عالمي فورمز تي وڌندڙ گڏيل تعاون کي خوش آئنده قرار ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي لاءِ اڻٽر آهي، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي افعان شهرين جي مدد لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿي ته ان جا اثر پوري خطي ۾ پوندا، پرڏيهي وزير سع??دي هم م??صب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران هٿين خالي ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو.