دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان پنهنجي ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائن لاءِ پرعزم آهي، ترميز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبو ان??هائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پا??ستان ۽ خطي لاءِ اهم آهي. اها ڳالهه هن تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي قزاخستان جي صدر قاسم جمرات توڪائف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽرانسپورٽيشن لنڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان پنهنجي ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم خاص طور تي ر??بط?? جي اهميت ۽ سمنڊ تائين مختصر ترين رستو فراهم ڪرڻ ۾ پا??ستان جي اهم پوزيشن تي زور ڏنو. وزيراعظم ترمز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪي ترقي کي جيوسياست کان جيواڪنامڪس ۾ منتقل ڪرڻ جي پنهنجي ويزن جي به وضاحت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ زميني ۽ فضائي رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو، وزيراعظم پا??ستان ۽ خطي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي به زور ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي مدد، فوري ان??اني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ معيشت جي استحڪام جي غرض سان قدم کڻڻ جي لاءِ رابطا جاري رکي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ر??بط?? ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي سياسي مٽاسٽا جو تعداد وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر توڪائف کي پا??ستان جي دوري جي د??وت جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن ته صدر توڪائف وزيراعظم عمران خان کي قزاخستان جي دوري جي د??وت ڏني.