اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دو??ت ملڪن سان معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي ش??بن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي و??ڌو??جهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزاستان جي نامزد سفير توتوئيف الان بيڪ اسنڪولوچ، قازقستان جي نامزد سفير يرجان ڪستافين، آذربائيجان جي نامزد سفير خضر فرهادوف، ٿائيلينڊ جي نامزد سفير چڪريد ڪرچائيونگ ۽ نائجيريا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ابيوئي محمد بيلو سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ان کان اڳ نامزد سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنر هڪ تقريب ۾ صدر کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دو??ت ملڪن سان ڪاروبار ۽ واپاري تعاون جي فروغ کي خاص ??هميت ڏي ٿو، پاڪستان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي ش??بن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي رابطن ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته پاڪستان منفرد جيو اقتصادي حيثيت رکندڙ ملڪ آهي، خطي جا ملڪ ٽرانسپورٽ، واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي ش??بن ۾ پاڪستان ۾ موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي و??ڌو??جهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي، دو??ت ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستهڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي سياسي مشاورتي، گڏيل وزارتي ۽ بين الهڪومتي ڪميشنز جهڙي اداراجاتي سطح جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دو??ت ملڪن سان بطرفي تعاون جي موجو??ه سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.