اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين س??ني??ر فيصل جاويد 14 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻ کانپوءِ قوم کي آزادي جي مبارڪباد ڏني. پنهنجي هڪ خصوصي وڊيو پيغام ۾ هن ماح??لي??ت جي حوالي سان پاڪستان جي ڪاميابين جي فهرست پيش ڪئي. س??ني??ر فيصل جاويد چيو ته وزيراعظم جي اپيل تي اسان سڀني اڄ ??نهنجي حصي جو ٻوٽو لڳائڻو آهي، هن چيو ته ماح??لي??ت جي تحفظ لاءِ پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، س??ني??ر فيصل جاويد وڌيڪ چيو ته اسان خبرپختونخوا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هن ڀيري 10 ارب وڻن جي وڻڪاري جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ماح??لي??ت جي حوالي سان يو اين جا هدف مقرر مدي کان 10 سال اڳ ئي حاصل ڪري ورتا آهن، هن پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي اڄ ??نهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻو آهي ۽ پنهنجي تصوير حڪومت پاڪستان کي موڪلڻي آهي.