اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??وجوده حڪومت واڌويجهه جي شرح ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ سان معاشي عمل ۾ تيزي ايندي، اڳوڻين حڪومتن پاران کنيل قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ کي انهي صورت ۾ ڪڍي سگهجي ٿو جڏهن ??لڪي پيداوار ۾ اضافو ٿئي. هن اهڙن خيالن جو اظهار معاشي استحڪام ۽ ترقي جي حوال?? سان ترجيحي شعبن جي فروغ ۾ اڳڀرائي جي حوال?? سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. وزيراعظم کي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن لاءِ سهولتن جي فراهمي جي حوال?? سان هن ??قت تائين جي اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ??لڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي صنعتن کي ضمانت جي فراهمي (ڪوليٽرل) کانسواءِ بئنڪن پاران ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي فراهمي جو انتظام ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ضمانت کانسواءِ قرضن جي فراهمي (ڪوليٽرل في لينڊنگ) سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ ۾ چڱي خاصي مدد ملندي، ان حوال?? سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ??هريون ڀيرو حڪومت اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪن ۾ موثر پارٽنرشپ جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ان اسڪيم تحت اسٽيٽ بئنڪ پاران تقريبن 50 سيڪڙو رسڪ لاس گارنٽ (نقصان جي رسڪ جي حوال?? سان گارنٽي) فراهم ڪئي ويندي. هن ??ڌايو ته بئنڪن پاران ان حوال?? سان نهايت جوش ۽ جذبي ۽ دلچسپي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ??لڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم ايس کي خصوصي طور تي قرضن جي فراهمي جي حوال?? سان مخصوص ڪيل بئنڪن ۾ اضافي صلاحيت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ پاران ايس ايم ايس کي قرضن جي فراهمي جي حوال?? سان بئنڪن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي.