اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جيِ ضرورت آهي، عالمي برادري ڀارت کي عالمي ??انونن جون خلاف ورزيون روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختل?? ملڪن جي سف??رن سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪوريا، نيپال، بيلاروس جي رهواسي ۽ آئيرلينڊ، ڪوسوو، مالي ۽ سيراليون جي غير رهائشي نامزد سف??رن سندون پيش ڪيون، سف??رن صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ان موقعي تي صدر سف??رن کي مبارڪباد ڏني.