اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين غريب ۽ پيڙهيل طبق?? جي لاءِ قدم کنيا، احساس پروگرام، لنگر خانا، پناهگاهون ۽ ڪامياب جوان پروگرا?? ان جو چٽو ثبوت آهي، هاڪر سخت موسمن ۾ به اخبارون گهر گهر تائين پهچائڻ ??ون ذميداريون ادا ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ موقع?? جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي رڳو هڪ خاص طبقي کي نوازيو ويو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ هاڪر?? جي لاءِ پيڪيج جي اعلا?? جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين، ايم ڊي پاڪستان بيت المال عون عباس بپي، ٽڪا خان کانسواءِ گڏيل شهر?? جي اخبار وڪرو ڪندڙن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو.