اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گوادر پورٽ فري زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ??رورت آهي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي ??وري دوران ??الهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ جي ??رقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ??اشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ??اڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پورٽ سان ??ڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پورٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??رورت آهي، گوادر پورٽ تي ٽريفڪ جي ??يزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.