اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ فرانسيسي جريده ۾ ٻيهر گستخانه خاڪن جي ڇپائي انتهائي قابل مذمت قرار ڏنو. اسپيڪر چي?? ته مسلمان امت اجتماعي سطح تي ان معاملي کي گڏيل قومن ۽ فرانسيسي حڪومت سامهون اٿاري، مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، پارليامينٽ طرفان گستاخانه خاڪن جي ڇپائي جي معاملي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، هن چي?? ته او آءِ سي کي اولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيه جي تدارڪ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ اقليتن کي پنهنجي مذهبي عبادتن جي ادائيگي ۽ پنهنجي عقيدي موجب زندگي بسر ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چي?? ته بين المذاهب هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.