اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيد?? جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سا?? الحاق ٿيندو. ڪشمير جي پاڪستان سا?? الحاق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته 19 جولاءِ 1947ع تي پاڪستان سان ڪشمير جي الحاق جي قرارداد منظور ڪئي وئي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان سا?? الحاق جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيد?? جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سا?? الحاق ٿيندو، ڀارت ڪشمير تي غاصباڻو قبضو ڪري رکيو آهي ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف هر عالمي فورم تي آواز اٿاري رهيو آهي.