ڪراچي – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي آمد کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اسٽريٽجڪ قدم کڻي رهي آهي، اسان جي ڪوششن جي تسلسل ۾ مون کي خوشي آهي ته حڪومت پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ ۽ مالي شعبي جي سهڪار سان ايم والٽس (M- Wallets) جي ذريعي مٽاسٽا جي ناڻي جي وصولي جي فروغ جي اسڪيم شروع ڪري رهي آهي، هن اها ڳالهه ايم والٽ اڪائونٽس جي ذريعي ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي کي فروغ ڏيڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي.