اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي استحڪام جي ثمرن کي جلد ??ام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت هيٺ حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفي?? شيخ، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر ??شرت ??سين، خاص معاونين نديم بابر ۽ وقار مسعود کانسواءِ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.