اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال جو قوم جي حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻو آهي، وڌندڙ سرديءَ سان گڏ ڪورونا به وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، جل??ا جلوس ڪندڙ عوام جون جانيون خطري ۾ وجهي رهي?? آهن، جل??ا جلوس ٻن ٽن مهينن کانپوءِ به ٿي سگهن ٿا، جلسن جلوسن سان حڪوم?? کي ڪو فرق نه پوندو، پي ڊي ايم جلسن جي ڪري ملتان ۾ 64 ۽ پشاور ۾ 40 سيڪڙو ڪورونا جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ مخصوص بستر ڀرجي چڪ?? آهن، جڏهن وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا ته ڪورونا تيزي سان پکڙجندو، عوام احتياطي تدبيرون اختيار ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان بچائي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي صورتحال ??اب?? قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.