اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدين جي ??زائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئين جي ??رٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ قيدين جي ??زائن ?? پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئي ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن انهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون عورتون جيڪي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪيون آهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. قيد جي ??زا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدين جي ??زا تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدين جي ??زا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي ??زا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سر??رمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏوهارين تي نه هوندو.