ڪوئيٽا – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي بل??چستان جي صوبائي صدر مير چنگيز خان جمالي، جنرل سيڪريٽري روزي خان ڪاڪڙ، اطلاعات واري صوبائي سيڪريٽري سردار سربلند خان جوگزئي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پيپلزپارٽي بل??چستان جي اڳواڻن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي ف??ج قابض آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون، انٽرنيٽ تي بندش ۽ ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان پيپلزپارٽي بل??چستان جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري واري جدوجهد جي هر ممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رک??دو، دنيا ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ اسان شهيد برهان واني سميت سڀني ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.