اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي ??ومي اسيمبلي ميمبر خواجه محمد آصف چيو آهي ته قوم کان نئين مينڊيٽ حاصل ڪرڻ جي ??اءِ اسان کي عام چونڊن طرف جلد کان جلد وڃڻو پوندو جنهن جو فيصلو اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي گڏجي ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ، عدليه، فوج، بيوروڪريسي ۽ ميڊيا سڀني کي گڏجي ??لڪ کي مشڪل صور??حا?? مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي ٻاهر کان ڪو خطرو نه آهي، اسان کي اندران ئي خطرو آهي، بلوچستان جا ماڻهو اليڪشن جي ذريعي اهڙن نمائندن کي اڳتي آڻين جيڪي انهن جا مسئلا حل ڪري سگهن، اسان کي ناراض بلوچن کي سيني سان لڳائڻو پوندو ۽ انهن جي ??اراضگي جا سبب ڄاڻڻا پوندا. خواجه آصف صدارتي خطاب تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته عمران خان جي چار سالا حڪومت جو دارومدار ڪوڙ تي هو. غيرملڪي تحفا وڪرو ڪندڙ پاڻ کي صادق ۽ امين چوي ٿو. اسرائيل ۽ ڀارت مان انهن کي فارن فنڊنگ ٿي. هن چيو ته سڄي سياسي قيادت کي گهرجي ته ان صور??حا?? جو ادراڪ ڪري. سينيئر صحافي حامد مير جي گهر تي پي ٽي آءِ وارن حملو ڪيو. جيڪڏهن سچ ڳالهايئندڙن جو آواز بند ڪيو ويو ته اهو ملڪ جي ??اءِ نقصانڪار ٿيندو. ڪپتان پچ تي ليٽي پيو آهي. عمران خان جلسن جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي اهو انهن جو حق آهي. اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي اسان کي جلد کان جلد چونڊن طرف وڃڻ گهرجي. ملڪ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي. ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ??يجهو آهي ماڻهو ٻن وقت جي ??اني لاءِ ترسي رهيا آهن جڏهن ته چيو پيو وڃي هي امپورٽيد حڪومت آهي. صدارتي خطاب تي بحث سهيڙي وڃي ته جيئن هي ايوان نارمل بزنس طرف اچي سگهي. هن چيو ته افغانستان جي صور??حا?? ۽ بلوچستان جا معاملا 30، 40 سالن کان اسان جي سامهون آهن. اسان کي بلوچستان جا مسئلا ۽ اتي هلندڙ تحريڪن جا سبب ڳولڻا پوندا.