اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمو?? قريشي چيو آ??ي ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ بي اعتمادي رٿ کي بنا و??ٽنگ جي رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي، فل ڪورٽ جوڙڻ جو معاملو چيف جسٽس جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمو?? قريشي چيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو ته کين فل ڪورٽ بينچ گهرجي، اهو چيف جسٽس جو اختيار آ??ي ت?? فل ڪورٽ جوڙڻي آهي يا نه، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ عدم اعتماد کي بنا و??ٽنگ رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آ??ي ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس کي تفصيل سان ٻڌڻ چاهي ٿي، مخالف ڌر کي عدليه جو احترام نظر ۾ رکڻ گهرجي. جه??نگير ترين ۽ عليم خان بابت پڇيل سوال هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن بابت ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان، ڌمڪي واري خط بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهه محمو?? قريشي چيو ته اهو حساس معاملو آهي هن وقت ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي، جلد ان بابت به ٻڌايو ويندو.