اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته مخالف ڌر ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ جرم تي ڌيان بدران افراتفري ۽ غير يقيني وڌائڻ چاهي ٿي، س??ڌ جو وڏو وزير به مڃي رهيو آهي ته اتي غلط ڪيو ويو آهي، ائين ڪند??ن کي سزا ڏيارڻ بدران الٽو سياست ڪئي پئي وڃي، اتي هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت آهي، توهان نتيجن جي پرواهه ڪري رهيا آهيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير ??يو ته اسان پارليامينٽ ۾ ويٺل آهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙي پارٽي جنهن قائداعظم جي نالي تي پنهنجو نالو رکيو آهي، ان جي اڳواڻ جي ناٺي قائداعظم جي مزار جي بي حرمت?? ڪئي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيو جنهن کي پيپلزپارٽي جو وزير اعليٰ به مڃي رهيو آهي ته غلط ڪيو آهي جنهن تي ان جي خلاف ڪيس ٺهي ٿو، جرم تي ڌيان بدران ۽ اهو ڏسڻ بدران ته ان کي ڪهڙِي سزا ملڻ گهرجي ته ان اهڙو رويو اختيار ڪ??و ۽ هُل هنگامو ڪيو، الٽو مخالف ڌر سياست ڪري رهي آهي.