اسلام آباد – پهرين جون (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذميداريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گر??تاري ۽ تشدد ڪڌي ۽ انتهائي قابل مذم?? حرڪت آهي، ڀارت خ??ي ۾ پنهنجي سمورن پاڙيسرين جي خلاف جارحيت جو ڏوهاري آهي، عالمي برادري ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺندي سفارتي ۽ عالمي قانونن جي منافي رويي تي ڀارت جو گهيراءُ ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي متعصباڻي ۽ پرتشدد قدمن جو نشانو بڻائيندڙ آر ايس ايس بي ج?? پي حڪومت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عملي تي بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي مهم شروع ڪري چڪي آهي، عالمي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذميداريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گر??تاري ۽ تشدد ناپاڪ ۽ انتهائي قابل مذم?? حرڪت آهي.