اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات ٿيندڙ بحث جي نتيجي، اتفاق راءِ تائين نه ??هچڻ ۽ فلسطين جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ميمبرشپ جي سفارش ڪرڻ ۾ ناڪامي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته اسان کي فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ واري قرارداد جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي تي افسوس آهي. هن چي?? ته اسان سمجهون ٿا ته فلسطين کي گڏيل قومن ۾ شامل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو 75 سالن ??ان فسلطيني عوام سان ٿيندڙ تاريخي ناانصافي کي صحيح ڪرڻ طرف هڪ قدم هوندو ۽ اهو انهن جي خودمختياري جي حق جي تصديق ڪندو. ترجمان چي?? ته فلسطيني عوام کي 4 جون 1967ع جي سرحدن جي اندر هڪ آزاد ۽ خودمختيار ۽ متصل فسلطيني رياست ۾ رهڻ جو موروثي حق حاصل آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.