اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي م??اسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ سڄي م??ڪ کان آئين جي حوالي سان ڪرايل مباحثن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ??ڻ خطاب ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ پڄاڻي واري ويهڪ جو خاص مهمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هو. ان پڄاڻي واري سيشن ۾ سڄي م??ڪ ۾ مختلف درجن جي تعليمي ادارن ۾ ”منهنجو آئين منهنجي آزادين جو ضامن“ جي م??ضوع تي تقريري م??ابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ??نهنجي خطاب تي ايوان ک??ن خوب داد وصول ڪيو. سڀ کان وڌيڪ داد اسڪول جي سطح تي بين الڪلياتي م??ابلن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ وحد ڪالوني اسڪول ??اهور جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي مريحه معروف پنهنجي تقرير تي شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪيو. پڄاڻي واري سيشن ۾ محي الدين اسلامڪ يونيورسٽي م??رپور جي شاگرد شاگرد چوڌري عزيز جاويد، گرينچ يونيورسٽي جي شاگرد سيد وقار حيدر زيدي ۽ مردان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد اقدس سليم موٽيويشنل خطاب ڪيو.