اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۽ معصوم پاڪستانين کي غيرقانوني طريقي سان ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي گذريل هڪ سال ۾ سڄي دنيا ۾ اهڙن سمورن واقعن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته اهڙن ڏوهن ۾ ملوث عنصرن جي خلاف ڪارروائي ۾ س??تي ۾ ملوث عملدارن جي خلاف به ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي حادثي ۾ پ??ڪستانين جي فوت ٿيڻ ۽ انساني اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. 2023ع ۾ يونان جي انهي علائقي ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعي ۾ 262 پاڪستاني فوت ٿي ويا هئا. وزيراعظم 2023ع ۾ ٻيڙي ٻڏي وڃڻ جي حادثي کانپوءِ اهڙن عنصرن جي خلاف ڪارروائي ۾ س??تي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انساني اسمگلنگ ۽ معصوم ماڻهن کي غيرقانوني طريقن سان ٻاهرئين ملڪ پهچائڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏيندڙن جي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان س??تي ۾ شامل آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي ۽ ان کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. س??تي واري رويي جي ڪري ورتل قدمن جي ڪري اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر پيش اچڻ اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي. وزيراعظم آءِ بي ايم ايس نظام کي فوري لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ انساني اسمگلنگ ۽ ان کي روڪڻ جي حوالي سان قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏ??ي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هيستائين 174 ڪيسز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن مان چئن کي سزا ٿي. وزيراعظم ان ڪڌي فعل ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ۾ س??تي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان حوالي سان عوامي آگاهي جي لاءِ هلايل مهم جا تفصيل طلب ڪري ورتا. وزيراعظم ايف آءِ اي ۽ پرڏيهي وزارت کي گذريل سال ٿيندڙ اهڙن سمورن واقعن جن ۾ پ??ڪستاني شامل هئا جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ عالمي ادارن سان تعاون وڌايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ پ??ڏيهي وزير خواجه محمد آصف، سيد محسن رضا نقوي، احد خان چي??ا، عطاءُ الله تارڙ، خصوصي معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.